زرداري سان ملاقات،حامد سعيد ڪاظمي پيپلز پارٽي ۾ شامل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات کانپوءِ مشهور مذهبي اسڪالر ۽ اڳوڻو وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو،اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات کانپوءِ مذهبي اسڪالر احمد سعيد ڪاظمي به پ پ ۾ شامل ٿيو،ترجمان موجب ملاقات ۾ نيئر بخاري، مخدوم احمد محمود ۽ عبدالقادر شاهين صدر آصف زرداري سان حامد سعيد ڪاظمي ۽ احمد سعيد ڪاظمي جي ملاقات ۾ شريڪ هئا،صدر آصف زرداري حامد سعيد ڪاظمي ۽ احمد سعيد ڪاظمي سميت ٻين ساٿين کي پيپلز پارٽي ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو