زرداري خاندان شريف خاندان کان اڱتي نڪرڻ ۾ ڪامياب

زرداري خاندان شريف خاندان کان اڱتي نڪرڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صدر آصف علي زرداري جي خالي ڪيل قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 207 تان ان جي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري جي بنا مقابلي چونڊجڻ سان ملڪ جي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ ئي خاندان جا سڀني کان وڌيڪ چونڊيل ماڻهو اسيمبلين ۾ اچڻ سان زرداري خاندان شريف خاندان جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري جي اين اي 207 تان بنا مقابلي قومي اسيمبلي جي چونڊجڻ کان پوءِ آصف زرداري صدر، پٽ بلاول ڀٽو، ڌيءَ آصفه ڀٽو، ڀيڻويو منور ٽالپر ايم اين اي جڏهن ته ٻئي ڀينرون ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ فريال ٽالپر ايم پي اي آهن.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جو وڏو ڀاءُ ميان نوازشريف، پٽ حمزه شهباز شريف، قومي اسيمبلي جو ميمبر ڀاڻيجي مريم نوازشريف پنجاب جي وزيراعليٰ آهي.اهڙي طرح خاندان جي سڀني کان وڌيڪ ماڻهن جي ايم اين اي يا ايم پي اي چونڊجڻ جي حوالي سان صدر آصف زرداري جو خاندان پهرين جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جو خاندان ٻئي نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو