زرداري جو ڪمال،ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جهنگ ۾ مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جا اهم اڳواڻ آصف زرداري سان ملاقات ڪري پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن.آصف علي زرداري ۽ جهنگ سان واسطو رکندڙ اين اي 109 جي حيدر بخاري پيءُ شهريار بخاري، نواب طاهر سيال ۽ ناصر عباس سيال جي ملاقات ٿي، جنهن بعد حيدر بخاري پي ٽي آءِ ڇڏي پنهنجي پٽن ۽ ساٿين سميت پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.جهنگ سان واسطو رکندڙ فهيم احمد خان به آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن پڻ ن ليگ کي ڇڏي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو