پشاور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ زاهد خان سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.زاهد خان چيو ته هو هڪ نظريي ۽ سوچ سان سياست ڪري رهيا آهن پر بدقسمتي سان ملڪ ۾ جيڪا سياست هلي رهي آهي ان ۾ ڪو به نظريو ناهي.هن چيو ته هو پنهنجي تڪ جي عوام سان صلاح مشورا ڪري مستقبل جو فيصلو ڪندو.










