رٽائرڊ اھلڪار پاران بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

ٺٽو(ڊر)ٺٽي شھر جي شيرازي محلي جي رھواسي سنڌ جي ناليواري ٽوٻي رٽائرڊ پوليس اھلڪار عبدالغني گندرو پنھنجي ٻارڙن ٻچن سان گڏ ٺٽي ۾ بااثر ماڻھن جي زيادتين توڙي حملن خلاف احتجاج ڪندي عبدالغني گندرو، سندس گھر واري آمي، ننھن بلقيس، شازيه، خميسو، عبدالڪريم گندرو ۽ ٻين چيو ته ٺٽي شھر جي ڪچي آبادي جي ڳوٺ گل حسن گندرو جي رھواسين نور محمد گندرو، بلاول، ستار، رزاق گندرو ۽ بين سندن جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي، جيڪي روزانو مٿن حملا ڪري سندن ماڻھن کي زخمي ڪري رھيا آھن. ھنن الزام ھڻندي چيو ته عيد جي ٽئين ڏينھن تي پڻ سندس پٽ مڇي مارڪيٽ مان روگار ڪمائي گھر اچي رھيا ھئا ته مذڪورہ ماڻھن آمري اسٽاپ ٺٽو وٽ حملو ڪري عبدالڪريم، خميسو ۽ جميل گندرو کي زخمي ڪيو، جيڪي علاج ھيٺ آھن. عبدالغني گندرو جي ننھن بلقيس گندرو چيو ته سندس شادي پھريان عبدالغني گندرو جي وڏي پٽ عبدالشڪور گندرو سان ٿيل ھئي، جنھن مان کيس ھڪ معصوم نياڻي جو اولاد آھي، جيڪو 9 مھينا اڳ بجلي جو ڪم ڪندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو، جنھن بعد ھو مائٽن وٽ اچي عدد ۾ ويٺي جتي سندس سئوٽ بلاول، نور محمد، رزاق، ستار گندرو ۽ ٻين سندس جيـئڻ جنجال بنائي ڇڏيو، جنھن بعد ھن پنھنجي مرضي سان سندس ڏير جميل احمد گندرو سان نڪاح شادي ڪئي آھي، جنھن بعد سندس  مائٽ سندس جان جا دشمن بڻجي کيس نقصان پھچائڻ سميت سندس مڙس، ڏيرن ۽ سھري کي تي قاتلاڻا  حملا ڪرائي کيس اغوا ڪرائڻ چاھين ٿا، جنھن بعد ھن سيشن ڪورٽ کي تحفظ لاء اپيل ڪئي، جتي بلاول گندرو ۽ ٻين ڪورٽ ۾ لکي ڏنو ته ھو آئندہ ڪنھن به ماڻھون کي پريشان نه ڪندا، ان ھوندي به ھو عدالت جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي اسان کي سخت پريشان ڪري رھيا آھن جن مان کين جاني مالي نقصان جو خطرو آھي. ھنن وزير اعلي سنڌ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو، سيشن جج ٺٽو سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته ساڻن انصاف ڪري کين تحفظ مھيا ڪري مٿن حملا ڪري سندن ماڻھن کي زخمي ڪري بلقيس کي اغوا ڪري نقصان جون ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو