ريڪوڊڪ ۽ ٻيا منصوبا بلوچستان کي خوشحال بڻائي سگهن ٿا: صدر

ريڪوڊڪ ۽ ٻيا منصوبا بلوچستان کي خوشحال بڻائي سگهن ٿا: صدر

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي چيو آهي ته اسٽيڪ هولڊرز انا ۽ انتهائي رويو هڪ پاسي رکي عظيم قومي مفادن کي ڌيان ۾ رکن، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي، اِها اقتصادي استحڪام جي ڄاٻي آهي.صدر عارف علوي تعليمي دوري تي آيل ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهلو ( بلوچستان ) ڪيڊيٽس سان ملاقات ڪئي. صدر چيو ته سياسي قيادت طرفان بلوچستان جي عوام سان هيٺين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، ريڪوڊڪ سميت ٻيون رٿائون بلوچستان کي مختصر وقت ۾ خوشحال بڻائي سگهن ٿيون.صدر وڌيڪ چيو ته پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ قوم جي تعمير لاءِ ضروري آهي، ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ، ذاتي مفادن ۽ انا کي ترڪ ڪرڻ چاهيون ٿا، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تلسل مالي، سماجي ۽ اقتصادي استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻي پوندي، سمورا اسٽيڪ هولڊرز پنهنجي انا ۽ انتهائي رويي کي هڪ پاسي رکي، عظيم قومي مفادن کي اهيمت ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو