ريٽائرڊ ملازمن جو گروپ انشورنس نه ملڻ خلاف احتجاج

ريٽائرڊ ملازمن جو گروپ انشورنس نه ملڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه (ن س) ضلعي شهيد بينظير آباد جي ريٽائرڊ ملازمن مختيار ميمڻ، مشتاق احمد ميمڻ، سيد عاشق حسين شاهه، عمر خاصخيلي، سيد ظهير علي شاهه، عبدالشڪور ابڙو، محمد اسلم چانڊيو، غلام محمد آرائين، محمد اڪرم قريشي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي تي ٻين صوبن وانگر سنڌ صوبي جي حڪومت به عمل ڪري ۽ صوبي جي ريٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏئي جيڪو اسان جو حق آهي جنهن جي ڪٽوتي هر مهيني اسان جي پگهار مان ڪئي وڃي ٿي. سنڌ حڪومت فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي پابند ڪري ته رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو