رينجرز ۽ پوليس جو دراني مهر ۾ آپريشن،رينجرز اهلڪار زخمي

غوثپور (ن س) غوثپور ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ۽ رينجرس جي دراني مھر واري علائقي ۾ گهربل روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري پوليس رينجرس ۽ ڏوهارين وچم گذريل پنج ڪلاڪن کان فائرنگ جي ڏي وٺ هلندڙ آهي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ رينجرس اهلڪار زخمي ٿي پيو جنهن کي ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته پوليس ۽ رينجرس جي جوابي فائرنگ ۾ انعام يافته ڌاڙيل ارسلاح سبزوئي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيو آهي جنھن سبب هن وقت به پوليس رينجرس ۽ ڏوهارين وچم جديد هٿيارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ هلندڙ آهي فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آهي فائرنگ سبب علائقي واسي خوف مان گھرن ۾ لڪي ويا آهن ان موقعي تي ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو روزاني سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو ته انشاء الله اسان جي جوانن جا حوصلا بلند آهن هنن ڏوهارين جو جيستائين خاتمو نه ٿيندو اوسي تائين اسان جو آپريشن جاري رهندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو