ريل جي ٽڪر ۽ پينگهه جي رسي ۾ گهٽجڻ سبب 2 فوت

مبارڪپور/ بوزدار وڏا(نمائندن وٽان) مبارڪپور واسي 30 ورهين جو  نوجوان علي گوهر پٽ جيڪب مستوئي جيڪب آباد ۾ ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪري رهيو هيو ته جعفر ايڪسپريس هيٺانءَ اچي فوت ٿي ويو. سندس لاش سول اسپتال آندو ويو. وارث لاش گهر  کڻائي آيا. وارثن موجب مرحوم  علي گوهر ذهني مريض هو. ***بوزدار وڏا ننگريجا لڳ ڳوٺ محمود خاصخيلي ۾ 9 سالا ٻارڙو هيبت علي ولد صحبت علي خاصخيلي پنهنجي ٻني تي بيٺل وڻ ۾ پينگهه ٻڌي لڏي رهيو ته  اتفاق سان پينگهه جو رسو سندس ڳچي ۾ ڦاسي پيو  ۽ ساھ گهٽجڻ سبب فوت ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو