بخشاپور (سھيل جان ڊومڪي) ريلوي کاتي جي ملازمن سيڪشن ڪشمور ريلوي جي ڪي مين ۽ گينگ جمعدارن کي پروموشن ۽ پگھارون نه ملڻ خلاف ريلوي جي پٽڙي تي بيھي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ريلوي ملازمن حق ڏيو حق ڏيو غريب ملازمن کي حق ڏيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ ھنيا. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ريلوي ملازمن مير حسن ڊومڪي، نظير احمد ميمڻ، غلام نبي کوسو، بند علي ڊومڪي، غلام مصطفى ڊومڪي، شير محمد کوسو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ريلوي کاتي پاران ٽي ايل اي پيٽرولر ملازمن کي گذريل چار مھينن کان پگھارون ڪونه ڏنيون ويون آهي جنهن ڪري ملازم بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ۽ فاقا ڪشي واري زندگي پيا گذارين. ھنن چيو ته ريلوي کاتي ۾ اسان جا ڪجھ ملازم رٽائر ٿيڻ وارا آهن ۽ سرڪار ڪي مين رضا محمد، ڪشمير خان، محمد حسن، سانوڻ جڏهن ته گينگ ٽو ۾ شاھمراد، شريف، خالق داد ۽ صحبت جا پروموشن روڪي ڇڏيا آهن جيڪا ناانصافي آهي اسين اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ملازمن وزيراعظم عمران خان، وفاقي وزير شيخ رشيد، جي ايم ريلوي لاھور، ڊي ايس ريلوي سکر ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ريلوي ملازمن جا مطالبا منظور ڪندي ملازمن کي پروموشن ۽ پگھارون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.










