ريتي بجري مافيا جي کوٽيل کڏن ۾ بيٺل پاڻي ۾ 2 ٻڏي فوت

ملير (شهزادو مستوئي) سڪڻ ندي  لڳ ريتي بجري چوري ڪندي کوٽيل کڏا انتطاميا طرفان نه پورڻ سبب مائي نياڻي درگاھ لڳ ۽ سڪڻ ندي ۾ بيٺل برساتي پاڻي ۾ معصون نينگر سميت ٻه ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. جن ۾عثمان خاصخيلي ڳوٺ ۾ مهمان ٿي آيل نوجوان 16 ورهين جو وقاص ولد ملوڪ ملاح به شامل آهي.  جڏهن ته سڪڻ ندي جي برساتي کڏي م پير سرهندي ڳوٺ جو 12 ورهين جو مزار ولد يعقوب جوکيو ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.  ان سلسلي ۾ نوجوان وقاص متعلق معلوم ٿيو آهي ته هو گهران معصوم ٻارن سان گڏ ڳوٺ لڳ برساتي کڏي ۾ وهنجڻ پهتو ته اونهين پاڻي ۾ هليو ويو، کيس بچائڻ جيسين ڳوٺاڻا پهتا تيسين ٻڏي فوت ٿي ويو. اطلاع تي سڄي ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿي ويا جن عورتن سميت برساتي کڏون نه پورڻ  خلاف فوتي نوجوان جو لاش روڊ تي رکي ملير انتظاميا خلاف احتجاجي  مظاهرو ڪندي ۽ ڌرڻو هنيو.

مظاهرين ريتي بجري چورن کي گرفتارڪرڻ،کڏا لٽڻ ۽ متاثرن جي واهر ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي.  شام ڌاري ٻڏي فوت ٿيل وقاص جو مڙھ فلٽر پلانٽ ۽ مزارجوکيو کي  پير سرهندي ڳوٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان وقاص ملاح جي پيءُ ملوڪ ملاح ٻڌايو ته مائي نياڻي درگاھ پويان ريتي بجري چوري ڪندي موتمار کڏا کوٽيا ويا آهن جن ۾ برساتي پاڻي گڏ ٿي ويو آهي ان اونهي کڏ ۾ بنن ٻن ڄڻن کان علاوه  ميمڻ ڳوٺ جو ٻاپڙو ڇوڪرو، هن ڳوٺ جي مسڪان ڇوڪري ٻڏي فوت ٿي چڪا آهن . هن ٻڌايو ته اسان  اسٽيل ٽائون پويان فلٽر پلانٽ ۾ مينهن جي واڙن تي مزدوري ڪندا آهيون هتي پنهنجي سهري عبدالڪريم ملاح جي گهر مهمان ٿي آياسين ۽افسوس آهي ته هاڻ جوان پٽ جو لاش کڻي واپس پيا وڃون.  ڪجھه وقت اڳ ٻڏي فوت ٿيل مسڪان جي امڙ زاهدان ٻڌايو ته هتي وڏيرن جو راڄ آهي جيڪي زمين تي قبصا ۽ ريتي بجري چوري ڪرائي رهيا آهن. ڳوٺ جي معززن ۽ نوجوانن خير محمد رند،اسد علي رند واحد بخش،گل زمان ۽ بين اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر کوٽيل موت جا کوھ بند ڪري ريتي بجري چورن خلاف قانوني ڪاروائي نه ڪئي ويئي ته سوين ڳوٺاڻا وٺي مين روڊ تي ڌرڻو هڻداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو