رياست مخالف نعرا ھڻندڙ 8 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ رياست مخالف نعرا هڻڻ تي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.ان حوالي سان ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي.هن چيو ته جوابدارن احتجاج دوران پريس ڪلب آڏو رياست خلاف نعرا هنيا، اڪثر جوابدار سهراب گوڙ مان گرفتار ڪيا ويا. اسد رضا جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جوابدارن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، جوابدارن خلاف آرٽلري ميدان ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڊي آءِ جي ڏکڻ جو اهو به چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو