روڊ حادٽي ۾ والد فوت پٽ زخمي، بيگاري مان ٻار جو لاش هٿ

سڪرنڊ / غوثپور( نمائندن وٽان) قاضي احمد باءِ پاس روڊ تي تيز ڪار جو روڊ ڪراس ڪندڙ موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ دوڙائي مهر جو رهواسي 60 ورهين جو محمد موسيٰ مهر موقعي تي فوت ٿي ويو  جڏھن ته سندس پٽ غلام شبير مهر زخمي ٿي پيو. ٻنهي کي تعلقه اسپتال پهچايو ويو. حادثي جو سبب بڻيل ڪار رحيم يار خان کان ڪراچي پئي وئي ڪار ۾ فيملي  سوار هوئي  هوڏانهن فوتي پيرسن پنهنجي پٽ سان گڏ قاضي احمد شھر مان واپس ڳوٺ وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو مقامي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪار ۽ ڊائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي. *** غوثپور شھر ڀرسان ڳوٺ مارک ڀيو واري علائقي ۾ بيگاري سنڌ فيڊر مان ڳوٺاڻن کي ھڪ معصوم نينگري جو لاش ھٿ آيو آھي. ڳوٺاڻن  جي اطلاع تي پوليس معصوم نينگري جو لاش کڻائي سرڪاري اسپتال ۾ آندو جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاوارث حالت ۾ کيس دفنايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو