روڊ حادثي ۽ ديوار مٿان ڪرڻ سبب ٻه ٻار فوت، 3 زخمي

ڪنڌڪوٽ،ڪنب (غالب بلوچ. صفدرچانڊيو)  ڪنڌڪوٽ جي گلشير محلي ۾ سڪندر ميراڻي جي گهر جي ديوار ڪرڻ جي نتيجي ۾ ديوار ڀر سان راند کيڏندڙ 3 ٻارڙا زخمي ٿي پيا جن کي فوري طبي امداد لا۽ تعلقه اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو ويو جتي چئن سالن جو عبدالحميد پٽ سڪندر ميراڻي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.زخمين ۾ 8 سالن جو ضمير حسين ۽ لياقت ميراڻي شامل آھن ڪنب؛ڪراچي ۾ روڊ ڪراس ڪندي پورهيت جي ٻن معصوم ٻارڙن کي تيز رفتار ڪار جو زودار ٽڪر، جنهن جي نتيجي ۾ سيد ميثم عباس ٿڏي تي فوت ٿي ويو 8 سالا فتح خاتون جي ڄنڳھ ڀڄي پئي

ڊرائيور ڪار سوڌو فرار لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو مليل ڄاڻ موجب ڪنب ڀرسان ڳوٺ احدي خان راڄپر جي پورهيت سيد پپن شاه پنهنجي فيملي سميت اسٽيل ٽائون امام بارگاه ۾ مجلس ٻڌڻ لاء وڃي رهيو  هو ته سندس ٻنهي ٻارڙن روڊ ڪراس ڪيو جن کي تيز رفتار ڪار ٽڪر هنيو نتيجي ۾ 8 سالا ميثم عباس ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن سندس  نياڻي فتح خاتون جي ڄنڳھ ڀڄي پئي موقعي جو فائدو وٺي  ڊرائيور ڪار سوڌو  فرار ٿي ويو ٻنهي ٻارڙن  کي اسپتال نيو ويو جتي ننڍڙي ميثم عباس جي فوت ٿيڻ  ڊاڪٽرن تصديق ڪئي جڏھن ته لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو مرحوم جي جنازه نمازه سندس اباڻي ڪنب ۾ ادا ڪئي وئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو