روس پاڪستان کي جديد جهاز ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) روس قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي 16-6 سوکوئي سپرجيٽ 100 فراهم ڪرڻ متعلق مذاڪرات جو آغاز جو واعدو ڪيو آهي. پاڪستان ۽ روس تجارت، هوابازي ۽ تونائي جي شعبن ۾ ٻه طرفه تعاون ۾ اضافي ۽ ان جي مختلف شعبن ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. رپورٽ مطابق تجارتي، معاشي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون تي پاڪ روس بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جي ڇهين اجلاس جي اختتام تي روس قومي ايئر لائن کي 2020 جي پهرين ٽي ماهي ۾ 16-6 سوکوئي سپرجيٽ 100 جهازجي فراهمي ۽ فروخت ڪرڻ بعد سروس فراهم ڪرڻ متعلق مذڪرات جي آغاز جو واعدو ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن باهمي طور طئي ڪيل تاريخ تي ماسڪو ۾ آءِ جي سي جو ستون اجلاس منعقد ڪرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. خيال رهي ته آءِ جي سي اجلاس ٻنهي ملڪن جي درالحڪومتن ۾ واري واري سان منعقد ٿيندو آهي. آءِ جي سي جو ڇهون اجلاس 9 کان 11 ڊسمبر تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، وفاقي وزير معاشي امور محمد حماد اظهر پاڪستان ۽ روس جي وزير صنعت و تجارت دنيس مانتوروف پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي هئي. دنيس مانتوروف چيو ته روس هن وقت پي آءِ اي کي 16-6 جهاز فراهم ڪرڻ لاءِ مالي پهلوئن جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ 2020 جي پهرين ٽي ماهي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ باقاعده مذاڪرات شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته روس هن وقت اهو ڄاڻڻ چاهي ٿي ته سرمائيڪاري جا ڪهڙا موقعا موجود آهن ۽ انهن کي ڪهڙي طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. روس جي وزير تجارت چيو ته ان جو ملڪ نارٿ، سائوٿ گيس پائپ لائن ۾ دلچسپي رکي ٿو جڏهن ته آٽو موبائل، توانائي جي شعبن ۽ پاڪستان اسٽيل ۾ سرمائيڪاري جا موقعا تلاش ڪرڻ کان علاوهه روس کي جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ تعاون ڪري خوشي ٿيندي. ٻنهي ملڪن تعاون جي موجوده سطح ي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سياست، تجارت، معيشت، توانائي، تعليم ۽ ماڻهن وچ ۾ براه راست رابطن سميت باهمي دلچسپي جي سڀني ٻه طرفه تعلقاتن کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير حماد اظهر روسي وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان روس سان گڏ سياسي، سفارتي ۽ معاشي تعلقات کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروبارن وچ ۾ باهمي مالياتي دعون متعلق درپيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ تي خوشي آهي. پاڪستان روس جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته روس پاڪستان اسٽيل مل جي قيام ۾ تعاون ۾ واڌ سان پاڪستان جي صنعتي پيداوار جي بنياد رکڻ ۾ مدد ملندي ۽ اڀرندڙ شعبن ۾ ترقي جي ضرورت، تعاون جا موقعا ۽ سرمائيڪاري کي اعليٰ سطح تي سمجهڻ، تجارت ۽ سرمائيڪاري جي رستي ۾ رڪاوٽون دور ڪرڻ متعلق تعاون جاري رکڻ جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو. ان کان بعد روسي وزير تجارت وزيراعظم عمران خان سان ملاقات پڻ ڪئي جنهن روس سان تعلقات جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ متعلق پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. ان حوالي سان جاري ڪيل رپورٽ مطابق دنيس مانتوروف روس جي صدر ولاديمير پيوٽن طرفان وزيراعظم عمران خان کي خصوصي پيغام پهچايو. روس جي وزير تجارت چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان به ملاقات ڪئي ۽ باهمي فائدن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ فوج جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات ۾ خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ معاشي ترقي لاءِ ٻه طرفه تعلقات ۾ وڌيڪ اضافي جي خواهش کي ورجايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو