رهبر ڪميٽي جو ملڪ مان ڌرڻا ۽ روڊ بلاڪ ختم ڪرڻ جو اعلان

رهبر ڪميٽي جو ملڪ مان ڌرڻا ۽ روڊ بلاڪ ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (اياز مهر) اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جاري ڌرڻن ۽ روڊ بلاڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان گڏيل اپوزيشن جي جماعتن جي رهبر ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ڪيو. اڪرم دراني، احسن اقبال، فرحت الله بابر، ميان افتخار ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته حڪومت خلاف اپوزيشن ضلعي سطح تي گڏيل جلسا جلوس ڪيا ويندا ۽ هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. هنن چيو ته وزيراعظم قوم تي ترس کائي ۽ گهر هليو وڃي. فرحت الله بابر چيو ته پرويز الاهي سان ملاقات بابت اسانکي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. ميان افتخار چيو ته اسين بلاول تي عمران خان جي تنقيد جي مذمت ٿا ڪريون. رهبر ڪميٽي اي پي سي سڏائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن مولانا فضل الرحمان بنون ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسين هرو ڀرو اسلام آباد ڪو نه آيا هئاسين ۽ نه ئي وري ايئن ئي موٽياسين، ان جا نتيجا جلد سامهون اچن پيا. هن چيو ته حڪومت جون پاڙون کوکليون ٿي ويون آهن ۽ قوم جلد نئين چونڊيون چاهي ٿي. اربع تي اپوزيشن اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج ڪيو ويندو ۽ هر جماعت پنهنجو ڀرپور پاور شو ڪندي.  

پهنجو تبصرو موڪليو