اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سول جج عاصم حفيظ کي گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) رضوانه تشدد ڪيس ۾ طلب ڪري ورتو،ذريعن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عاصم کي طلب ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته ان کان اڳ جوابدار جي آءِ ٽي آڏو بيان ۾ ملازمه تي تشدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.رضوانه زيادتي ڪيس ۾ عدالت جي حڪم تي جج جي گهر واري صوميا عاصم کي گرفتار ڪيو ويو.










