اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رحيم يار خان جي ننڍي چونڊ ثابت ڪيو ته عوام قيدي نمبر 804 سان گڏ بيٺل نه آهي، رحيم يار خان جي عوام پيپلزپارٽي جي اميدوار کي کٽائي نفرت جي سياست کي شڪست ڏني پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته رحيم يار خان مان کٽيل طاهر رشيد وٽ سمورين پولنگ اسٽيشنز جا فارم 45 موجود آهن بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ باني کي آرمي چيف ۽ چيف جسٽس خلاف ڏنل بيان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، پي ٽي آءِ وارا جاچ ڪرائين ته ڇا پي ٽي آءِ باني واقعي اهڙو بيان ڏنو آهي










