رت ۾ رڱيل سنڌ، ڇا رياست يا حڪومت ذميواري محسوس ڪري ٿي؟

رت ۾ رڱيل سنڌ، ڇا رياست يا حڪومت ذميواري محسوس ڪري ٿي؟

محترم گهرو وزير ضياءُ لنجار صاحب سلام اُن سنڌ جي نالي سان جنهن جي مٽيءَ ۾ هاڻي خوشبوءَ بدران رت جو واس وڌي ويو آهي… سلام اُن سنڌ جي نالي جنهن جي ڌرتي مهمان نوازي ۽ انساني قدرن جي سڃاڻپ هئي اها ڌرتي جنهن تي تصوف جي تبليغ ٿيندي هئي پر اڄ اها ساڳئي سنڌ رت ۾ ٻڏل آهي ۽ اوهان جي سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي.
محترم وزير صاحب مان اوهان کي هي خط ڪنهن سياسي مخالفت جي جذبي سان نٿو لکان نه ئي ڪنهن اخبار جي سرخي بڻجڻ لاءِ لکي رهيو آهيان هي خط اُن درد جي دانهن لاءِ آهي جيڪو گهڻي عرصي کان شڪارپور ضلعي جي هر گهٽيءَ ۾ پکڙيل آهي اوهان کي ياد هوندو هي ساڳيو شڪارپور ضلعو آهي جتي لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ اوهان سرينڊر پاليسيءَ جي تقريب ۾ اوهان ڏيڍُ درجن کن وڏيرن ۽ ڪيترين ڪئميرائن جي موجودگيءَ ۾ بيهي اهو اعلان ڪيو هو ته ڏوهاري برادري تڪرارن جي ڪيترن ئي قتل ڪيسن ۾ گهربل جوابدار پاڻ مرادو پوليس وٽ پيش ٿي رهيا آهن، هاڻي علائقي ۾ امن بحال ٿيندو.
وزير صاحب اوهان جي اُن اعلان کي مهينو مس گذريو آهي امن اچڻ بدران خوف وڌيو آهي شڪارپور ضلعو بدامني ۽ قبيلائي رتوڇاڻ وارن انگن اکرن ۾ بدستور پهرين پوزيشن تي بيٺو آهي صرف لکي تعلقي ۾ هلندڙ مهر-جتوئي خوني ويڙهه هڪ سال جي عرصي دوران صرف ٻنهي ڌرين جا 54 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.شڪارپور ضلعي جي ٻين تعلقن ۾ به صورتحال ڪا تسلي بخش ڪونهي ڳڙهي ياسين، خانپور سميت شڪارپور ضلعي ۾ مجموعي طور هڪ سال دوران مختلف برادرين وچ ۾هلندڙ خوني جهيڙن ۾ 179 ماڻهو مارجي چڪا آهن. ڏيڍ مهينو اڳ اوهان جي شڪارپور ۾ ٿيل سرينڊر تقريب اوهان جي دعويٰ کانپوءِ ڏوهه گهٽجڻ بدران ٻيڻا ٿيا آهن قتل جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي.
محترم ضياءُ لنجار صاحب اهي انگ رڳو شماريات ناهن اهي 179 گهر آهن جتي جون خوشيون دفن ٿي ويون آهن، اهي 179 مائرون آهن جن جون ڳوڙها ڳاڙيندڙ اکيون سُڪي ويون آهن، اهي 179 ڪهاڻيون آهن جن کي رياست ۽ خاص طور اوهانجي سرڪار ٻڌڻ کان شايد انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
وزير صاحب مهر جتوئي تڪرار جي خاتمي جي جلد خاتمي واري اوهان جي ان اعلان بعد گذريل مهيني جي 30 نومبر تي ڌرين وچ ۾ فيصلو رکيو ويو هو جنهن کانپوءَ اميد جا ڏيئا ٻرڻ لڳا هئا ته شايد هاڻي رت جي اها راند رڪجي ويندي پر فيصلو ٿيڻ کان ٿورو اڳ پنو عاقل ۾ جتوئي برادري جي هٿياربندن ياسين جنگو مهر کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن سبب فيصلو ڪينسل ٿي ويو ان ڏينهن رڳو فيصلي جي تاريخ رد نه ٿي ان ڏينهن ڄڻ ته اوهان جي ڪيل اعلانن جي صورت ۾ رياست جي رِٽ به مٽيءَ ۾ ملي وئي هئي.
فيصلو نه ٿيڻ سبب ڄڻ ته ٻنهي ڌرين کي ڇوٽ ڇڏيو ويو ۽ پوءِ اهو ٿيو جنهنجو خوف هو شڪارپور ۾ جيڪا قيامت برپا ٿي اها ڪنهن به مهذب سماج لاءِ عام خبر نٿي ٿي سگهي، ڳڀرو گهوٽ غلام رسول عرف الطاف مهر جنهن پنهنجي شاديءَ جا دعوت ناما ڇپرايا هئا هڪ ڏينهن اڳ خوشيءَ سان پنهنجن دوستن، مٽن مائٽن ۾ ورهائي آيو هو ڪنهن کي خبر نه هئي ته اهي ڪارڊ شاديءَ جا نه پر سندس جنازي جو اعلان بڻجندا، ڪنوار کي وٺڻ لاءِ ويندڙ گهوٽ لاش بڻجي گهر موٽيو سندس ڇهن ورهين جو معصوم ڀاءُ محمد حسن جنهن جو هفتو اڳ ئي سنت طهر ٿيو هو، اهو به بدلي جي باهه ۾ گولين جو نشانو بڻيو، ڪار هلائيندڙ 35 ورهين جو محمد رمضان مهر جيڪو رڳو روزي لاءِ نڪتو هو سو به موقعي تي قتل ٿي ويو. شاديءَ جي خوشي ۾ رکيل وليمي جي تقريب ماتمي تڏي ۾ بدلجي وئي، دعوت لاءِ سجايل پنڊال ڀرسان جنازا پڙهيا ويا.
وزير صاحب اهو ظلم هتي ختم نه ٿيو، گهوٽن جي ماءُ، ڀيڻ ۽ ڪار ۾ سوار ٻيون عورتون به زخمي ڪيون ويون اها عورت، جنهن کي سنڌ ڪڏهن ست قرآنن جي برابر سمجهندي هئي جنهن جي عزت دشمنيءَ کان به مٿانهين هوندي هئي اڄ ان شڪارپور ۾ اها به گولين کان محفوظ ناهي وزير صاحب هي ڪهڙي سنڌ آهي؟
ان واقعي کان پهرين ٻورڙي جي اسڪول تي حملو ڪيو ويو اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد قتل ٿيو، وري جهيڙي کان گهڻو پري بيٺل بيگناهه جتوئي برادريءَ جي گرناڻي پاڙي سان تعلق رکندڙ ٻن بيگناهن جو رت وهايو ويو، جن جو جهيڙي سان ڪو واسطو نه هو. هتي گهوٽ ته گهائجن ٿا پر هاڻي ته عورتون ۽ ٻار به غير محفوظ آهن.
ضيا لنجار صاحب ڪٿي آهي اها ڌرتي جتي دشمنيءَ باوجود به معصوم ٻارن کي رهڙ نه ڏبي هئي جتي پوڙهن جو خيال رکيو ويندو هو، جتي عورت جي عظمت قبيلائي ويڙهاند کان بالاتر هوندي هئي وزير صاحب سنڌ ۾ 18 سالن کان اوهان جي پارٽي جي حڪومت آهي ۽ اڄوڪي سنڌ جو هي ڀيانڪ روپ آهي، جتي بدلي جي باهه ۾ معصوم سڙن ٿا ۽ عورتن تي به گوليون هلن ٿيون.

محترم صوبائي وزير، لنجار صاحب، قاتل تڏهن ڳوليا ويندا آهن جڏهن قاتل گمنام هجن پر هتي ته صورتحال بلڪل ابتڙ آهي، اوهان کي چڱي طرح پتو هوندو ته مهر توڙي جتوئي ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي وڊيوز سوشل ميڊيا تي موجود آهن جن ۾ هٿياربند ماڻهو پلاند پاڙڻ بعد ڳرا هٿيار هٿ ۾ کڻي وڏي فخر سان اهو اعتراف ڪندا آهن ته فلاڻو مهر يا فلاڻو جتوئي اسان ماريو آهي. وزير صاحب جڏهن قاتل پاڻ ڪئميرائن آڏو بيهي ڏوهه جو اعتراف ڪن ٿا، جڏهن مقتولن جا نالا فخر سان ورتا وڃن ٿا ته پوءِ بقول اوهان جي قانون جا اهي ڊگها هٿ انهن چند رت جي بکين جي ڳچين تائين ڇو نٿا پهچي سگهن؟
ڇا قانون صرف رڳو ڪمزور لاءِ آهي؟ ڇا رياست ۽ اوهان جي وزارت صرف مذمتي بيان جاري ڪرڻ لاءِ رهجي وئي آهي؟ مهر جتوئي ٻنهي ڌرين جا هٿياربند ماڻهون پاڻ مرادو پلاند پاڙي قتلن جو اعتراف ڪن ٿا ۽ انهن جي برادرين سان لاڳاپيل سوين ماڻهون مٿن فخر ڪندي انهن جا جاري ڪيل وڊيوز کي هزارن ۾ شيئر ۽ لائيڪ ڪن ٿا انهن جا ثبوت موجود آهن ته پوءِ انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ ڪهڙي آهي؟
هي ڪهڙو لاقانونيت جو لقاءُ آهي جتي قاتل بي خوف آهن ۽ مقتولن جا وارث خوف ۾ ورتل آهن اها ڪهڙي حڪومت آهي؟ جنهن جي موجودگيءَ ۾ ايل ايم جي، جي ٿري ۽ راڪيٽ لانچر جهڙا ڳرا هٿيار ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان ماڻهن جي هٿن ۾ پهچي وڃن ٿا ۽ ڪو به پڇاڻو نٿو ٿئي ته اهي هٿيار ڪٿان آيا؟
وزير صاحب خدا را هن خوني ويڙهاند کي وقت سر روڪيو. عورتن تي گوليون هلائڻ واري هن خطرناڪ روايت جي رستا روڪ ڪيو، ڇو ته جڏهن سماج ۾ عورت به غير محفوظ ٿي وڃي، تڏهن سمجهو ته اوهان جي سرڪار جي صورت ۾ رياست پنهنجو اخلاقي جواز وڃائي ويٺي آهي اڄ شڪارپور تڙپي رهيو آهي، سکر روئي رهيو آهي، سنڌ جي اترين ضلعن جي اها پوري پٽي رت ۾ رڱي پئي آهي.
وزير صاحب وڏيرن سردارن جا سياسي تعلق برقرار آهن انهن جو هڪٻي سان ڀت برادريون به برقرار آهن ۽ هڪٻئي کي سوٽ سوٽ سڏيندي ڀاڪر پائين ٿا، ٻئي پاسي ٻنهي ڌرين جا ڏوهاري به روڊن رستن تي گڏجي ڏوهه ڪن ٿا پر جهيڙن ۾ رت وري به مسڪين ۽ غير واسطيدار ماڻهن جو ٿو وهي. جيڪڏهن اڄ به رڳو نالي ماتر ڪارروائي ڪئي وئي ته سڀاڻي هي خط رڳو اوهان ڏانهن نه پر تاريخ جي عدالت ۾ شاهدي بڻجي پڙهيو ويندو. خدرا شڪارپور امن ٿي چاهي وزير صاحب، امن اوهان جي تقريرن سان نه انصاف سان ايندو آهي، ۽ اهو انصاف مهيا ڪرڻ جي ذميواري آخرڪار اوهان جي کاتي تي ئي عائد ٿئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو