راڻي پور فاطمه ڪيس جي جوابدارن کي پير نه سڏيو وڃي: راشد شاهه

ميرپورخاص (ن س )پاڪستان مسلم ليگ (ف) جي اڳواڻ سيد راشد شاهه راشدي اپيل ڪئي آهي ته راڻي پور فاطمه ڪيس جي جوابدارن کي ”پير“ نه سڏيو وڃي.ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد شاهه راشدي چيو ته راڻي پور فاطمه ڪيس ۾ اپيل آهي ته جوابدارن کي پير نه چيو وڃي.هن چيو ته ڇوڪرين سان زيادتي جي جوابدارن کي ڦاهي تي چاڙهيو وڃي.فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ چيو ته عوام ۾ ڪو به جوش ناهي. جيڪڏهن ڊالر 500 تائين پهچي ويو ته پوء ڪجهه به نه ٿيندو.هن اهو به چيو ته جيڪي حڪومت ۾ آهن انهن کي اپوزيشن تي اعتماد ناهي، فيصلا ڳجهن اجلاسن ۾ ٿيندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو