راڻا ثناءُ الله کي پنجاب ۾ اهم ذميواري ڏيڻ جو فيصلو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي پنجاب ۾ اهم ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب ن ليگ سينيٽ چونڊن کانپوءِ پنجاب ڪابينه ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان پارٽي قيادت مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته منشاالله ۽ ايوب خان سميت ٻيا به ڪابينه جو حصو هوندا، جڏهن ته سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کي به پنجاب ۾ اهم ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو