راڻا جا وارنٽ جاري، 7 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

راڻا جا وارنٽ جاري، 7 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

گوجرانوالا)ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.دهشتگردي جي انت واري عدالت راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي راڻا ثناءُ الله خلاف گجرات جي صنعتي ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ پوليس کي 7 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.راڻا ثناءُ الله جي خلاف 5 آگسٽ 2022 تي (ق) ليگ جي مقامي اڳواڻ شاهه قاز اسلم جي خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ مٿس چيف سيڪريٽري ۽ سندس گهرڀاتين کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو هو. گجرات پوليس ڪيس اڪلائيندي عدالت ۾ حوالگي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن تي عدالت پوليس جي رپورٽ رد ڪندي جوابدار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عدالت جاچ آفيسر، لاڳاپيل ڊي ايس پي ۽ ايس پي انويسٽيگيشن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 7 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو