راند کيڏندي 2 ٻارڙا تلاءَ ۾ ٻڏي فوت، والدين بيهوش

ڪرم پور(ن س) ڳوٺ سوڍو خان بنگلاڻي ۾ 2 معصوم ٻارڙا 8 سالا  پروين ڌي خميسو لاشاري، 7 سالا علي رضا ولد محمد لاشاري راند کيڏڻ دوران پاڻي جي تلاءُ ۾ ڪري پوڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. معصوم ٻارڙن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو سندن والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا جڏهن ته واقعي سبب علائقي جو ماحول سوڳوار بڻيل رهيو ۽ معصوم نينگرن جي فوت ٿيڻ تي هر اک آلي رهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو