راشد سڀني کي ٻوري بند لاش جون ڌمڪيون ڏيندو هو، ملڪ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سليم ملڪ چيو آهي ته راشد لطيف جو ايم ڪيو ايم سان تعلق هو، هو سڀني کي ڌمڪيون ڏيندو هو ته اوهان جا ٻوري بند لاش ايندا. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته راشد لطيف لطاف حسين کي پنهنجو روحاني والد سڏيندو هو هاڻي کيس هو ڇو نٿو ابو ڪوٺي. هن وڌيڪ چيو ته جاويد ميانداد راشد لطيف کي وٺي آيو پر جيترا خنجر ميانداد کي هن ٺوڪيا ايترا کيسن ڪنهن نه هنيا هوندا. راشد لطيف تي لڳايل سنگين الزامن بابت سندس موقف معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر ڪو جواب نه مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو