اسلام آباد (بيورو)ايڪشن سان ڀرپور فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جو ٽريلر اڄ رليز ڪيو ويندو. هدايتڪار بلال لاشاري ۽ پروڊيوسر عمارا حڪمت جي ايڪشن سان ڀرپور فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جو ٽريلر اڄ منجهند 2 وڳي رليز ڪيو ويندو.اها فلم جنهن پنهنجي رليز کان اڳ ئي ڌماڪو مچائي ڇڏيو آهي، اها پاڪستان جي سڀ کان مهانگي فلم آهي جيڪا لاشاري فلمز، انسائيڪلو ميڊيا ۽ ٽرپل اي موشن پکچرز جي بينر هيٺ ٺاهي وئي آهي.فلم جيو فلمز جي سهڪار سان 13 آڪٽوبر تي ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ هڪ ئي وقت رليز ڪئي ويندي.










