دوستي نه رکڻ تان جهيڙو همراهه مرڻينگ، پوليس خاموش

مانجهند(مهراڻ يوسف عمراڻي) ڳوٺ لاکا ۾ هوٽل تي مزدوري ڪندڙ 17 سالن جي نوجوان نياز ملاح تي جوابدار پاران دوستي نه رکڻ تان تشدد ڪري هوٽل ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، کيس ڇڏائڻ لاءِ وچ ۾ آيل وڏي ڀاءُ فياض ملاح تي مڇرجي جوابدار موٽيو خان ميرواڻي (کوسو) وڌيڪ ساٿي وٺي حملو ڪري کيس رتورت ڪري ڇڏيو. هوٽل ۽ بازار ۾ موجود ماڻھن وچ ۾ اچي فياض ملاح کي وڌيڪ تشدد ٿيڻ کان بچائي ورتو. جنهن بعد زخميء کي وارث مانجهند ٿاڻي تي آڻي ليٽر وٺي  تعلقه اسپتال کڻائي آيا. جتي  ڊاڪٽر نه هئڻ سبب هڪ ڪلاڪ تائين زخمي تڙپندو رهيو جنهن بعد ڊاڪٽر زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد جو ليٽر ڏئي روانو ڪيو. نوجوان جي ڀاء اعجاز ملاح ٻُڌايو ته جوابدار موٽيو خان ميرواڻي، ننڍي ڀاء کي خراب نيت سان دوستي رکڻ  لا۽ تنگ ڪري رهيو هو. ڪافي ڀيرا اهڙي حرڪت ڪرڻ تي جوابدار جي وڏن ۽  مانجهند پوليس کي به دانهن ڏني پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وَڃي. هوڏانهن مانجهند ٿاڻي تي موٽيو ميرواڻي، فتح علي ۽ غلام عباس سميت 7 ڄڻن تي اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي پر ڪابه گرفتاري نه ٿي. رابطو ڪرڻ تي  ايس ايڇ او ٻُڌايو ته زخمي کي ليٽر ڏنو آھي، وڌيڪ ڪيس متاثر شخص جي مرضي سان داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو