دهشتگردي ۾ واڌ تي ڳڻتي آهي پر ڪنٽرول کان ٻاهر ناهي

دهشتگردي ۾ واڌ تي ڳڻتي آهي پر ڪنٽرول کان ٻاهر ناهي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۾ اضافو خطرناڪ آهي پر اها ڪنٽرول کان ٻاهر ناهي. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ۽ چيو ته گذريل ڏينهن ڪوئٽا ۾ پوليو ٽيم سان ڊيوٽي ڪندڙ پوليس وين تي حملي جي مذمت ڪريان ٿو. ڪوئيٽا جي علائقي بليلي ۾ ٿيل ان آپگهاتي حملي جي پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان قبول ڪئي هئي. جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا. جڏهن ته 2 درجن جي لڳ ڀڳ اهلڪار ۽ شهري زخمي ٿي پيا هئا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪي سلامتي جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. هنکي اجلاس ۾ اچڻ گهرجي ها. هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان پاران ملڪ ۾ حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ افسوسناڪ ۽ خطرناڪ آهي. اسين ان جي مذمت ڪريون ٿا. پاڪستان افغانستان کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، سندن سرزمين اسان جي خلاف استعمال نه ڪرڻ جي طالبان حڪومت واعدو ڪيو هو، اهو کين پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پنج کان ست هزار تحريڪ طالبان جا هٿيار بند افغانستان ۾ آهن، اهي هملا ڪن ٿا ، طالبان پنهنجو دنيا سان ڪيل واعدو پورو ڪري. هن چيو ته اها صورتحال خطي جي امن لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي لهر جي حوالي سان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته اها شيءِ قابو کان ٻاهر نه ٿي رهي آهي، اها اهڙي صورتحال ناهي جنهن کي سنڀالي نه سگهجي، وفاقي حڪومت کي ان تي ضابطو آڻڻو پوندو، صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته هو پنهنجون ذميواريون موثر انداز ۾ ادا ڪن. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي، اسان هر صورتحال تي نظر رکي رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن آپريشن جي ضرورت پوندي ته ان کي بنا دير ڪيو ويندو. هن چيو ته فوجي قيادت ٽي ٽي پي جي حوالي سان 2 ڀيرا پارليامينٽ کي بريفنگ ڏني، پارليامينٽ فوجي قيادت کي اختيار ڏنو هو ته هو انهن سان آئين جي دائري ۾ رهندي ڳالهيون ڪري کين پرامن طريقي سان معاشري جو حصو بڻجڻ جي اجازت ڏي. اصل مسئلو اهوا آهي ته تحريڪ طالبان جا ڪافي گروپ آهن، ڪو ڳالهين جو حامي ته ڪو شدت پسندي جو حامي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته صوبائي اسمبليون ٽٽيون ته پوءِ ڏسنداسين ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرايون يا عام چونڊن سان گڏ ڪرايون. هن چيو ته عمران خان وڏو پاڳل آهي ۽ هن سان پاڳلن جو ٽولو گڏ آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته گورنر راڄ جو آپشن آئين ۾ آهي اسين ڪو به آپشن استعمال ڪري سگهون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو