دهشتگردي ڪَر کڻي پئي، فنڊنگ ڪي پي جي بجيٽ مان پئي ٿئي

دهشتگردي ڪَر کڻي پئي، فنڊنگ ڪي پي جي بجيٽ مان پئي ٿئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خيبر پختونخواهه جي بجيٽ مان دهشتگرد تنظيمن کي فنڊنگ ڪئي پئي وڃي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ سدائين هاڪاري سياست ڪئي آهي، معاشي مسئلا تاريخي سطح تي پهچي چڪا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عوام، فوج شهادتون ڏنيون. هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ پ پ جي تنظيم سازي جو سلسلو جاري آهي، خيبر پختونخواهه ۾ نفرت جي سياست ڪندڙن جو هاڪاري سياست سان مقابلو ڪنداسين، جيڪڏهن سياستدان سنجيدگي سان مسئلا حل نه ڪندا ته عوام جي ردعمل کي منهن ڏيندا. سندس چوڻ هو افسوس خيبر پختونخواهه کان وٺي بلوچستان تائين وري دهشتگردي ڪر کڻي رهي آهي، حڪومت آپريشن جي حوالي سان اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو، اسان هاڪاري انداز ۾ اي پي سي ۾ پنهنجو وفد موڪلينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته افغانستان ۾ نيٽو فوج پنهنجا هدف نه ماڻي سگهي، مان نٿو سمجهان ته افغانستان جي دوري سان مسئلا حل ٿيندا، ائين ناهي ته جهاز ۾ ويهو ۽ افغانستان سان مسئلا حل ٿي وڃن.
بلاول ڀٽو جون جان شير سميت ٻين رانديگرن سان ملاقاتون
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گورنر هائوس پشاور ۾ مختلف راندين جي اڳوڻن ۽ موجوده رانديگرن سان ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو سان اڳوڻي ورلڊ اسڪواش چيمپيئن جان شير خان، تائيڪوانڊو گولڊ ميڊلسٽ ميمونا نصير بلوچ ۽ پاڪيزه، والي بال ٽيم جي ڪپتان مراد جهان، رانديگر وليد خان ۽ مصور ملاقات ڪئي. پ پ چيئرمين گورنر هائوس پشاور ۾ مائو تائي چيمپيئن خان سعيد آفريدي، پاڪستان جي پهرئين عورت اسپرنٽر تميم خان، ورلڊ جوڊو چيمپيئن عزيز الحق ۽ ماونٽينيئر ثمر خان سان پڻ ملاقات ڪئي. رانديگرن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان تائيڪوانڊو ۾ ڊين هڪ تائين پهچي ويو آهيان، توهان ڊين 2 تي آهيو، مون کي توهان کي ڪوچ بڻائڻو پوندو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ رانديگرن کي يادگاري شيلڊون پيش ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو