درگاھ شاھ يقيق تي سرچ آپريشن ٽي افغاني گرفتار

چوهڙ جمالي (ن س) ايس ايس پي سجاول امير سعود مگسي جي حڪم تي وڏي نفري ساڻ ڪري ايس ايچ او بخشل ملاح جي اڳواڻي ۾ درگاھ شاھ يقيق ۽ جلالي بابا تي غير ملڪين خلاف سرچ آپريشن ڪيو ويو. ان موقعي تي افغانستان جي رهواسين غلام پٺاڻ , ظريف پٺاڻ ۽ رضا محمد پٺاڻ کي گرفتار ڪري مٿن فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. پوليس موجب گرفتار ٿيل افغاني ڪافي عرصي کان درگاھ شاھ يقيق تي رهائش پذير هئا جن وٽان افغانستان جا ڪارڊ هٿ ڪيا ويا آھن وڌيڪ جانچ هلندڙ آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو