درگاهه مخدوم نوح سرور جي 18هين گادي نشين جي ورسي منعقد

مٽياري (رياض چانڊيو) درگاهه مخدوم حضرت نوح سرور جي 18هين سجاده نشين ۽ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ مخدوم محمد امين فهيم جي چوٿين ورسي جون تقريبون هالا ۾ منعقد ٿيون. سروري جماعت جي روحاني پيشوا ايم اين اي مخدوم جميل الزمان مزار تي چادر چاڙهي ۽ سروري جماعت جي مريدن ۽ عقيدتمندن سان گڏجي دعا ڪئي. درگاه سرور نوح تي قرآن خواني، خيرات في سبيل الله ۽ دعا ئيه تقريب جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مخدوم سعيد الزمان، مخدوم احمد زمان، وڏيرو محمد خان جوڻيجو، ڏاڏو هاشم سمون، حاجي مصري ڪاڪا، ممتاز شاهه سميت سياسي ۽ سماجي شخصيتون موجود هيون. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان جو چوڻ هو ته جيڪو عوام جي خدمت ڪندو آهي ان تي ميلا لڳا پيا هوندا آهن ۽ جيڪو خدمت نه ڪندو آهي ان کي ماڻهو وساري ڇڏيندا آهن اڄ جي ڏينهن اسان واعدو ڪيون ٿا ته اسان پنهنجي وطن ۽ ماڻهن جي پنهنجي والدين وانگر خدمت ڪنداسين. والدين ويندا آهن ته اڪيلائپ محسوس ٿيندي آهي پر جهڙي طرح منهنجي والد ۽ ٻين جي خدمت جي ڪري عوام ۽ دوست اسان سان گڏ آهن ان ڪري اسين اڪيلائپ محسوس نٿا ڪيون پنهنجي ماڻهن، سروري جماعت ۽ وطن جي خدمت ڪرڻ جو جذبو رکون ٿا.

هن چيو ته سروري جماعت جي سربراه جي حيثيت سان ملڪ جي طاقتور قوتن ۽ ادارن کي چوان ٿو ته هو زرداري صاحب جي طبيعت کي نظر ۾ رکندي هن کي علاج جي اجازت ڏين زرداري صاحب جيل کان ڊڄي ڀڄڻ وارن مان نه آهي حڪومت پاڪستان زرداري صاحب کي علاج جو مڪمل موقعو فراهم ڪري زرداري صاحب توهان کان علاج جي خيرات نه گهرندو اسين اوهان کي چئون ٿا ته انساني همدردي جي ناتي زرداري صاحب کي علاج جو موقعو ڏنو وڃي. اڄڪلهه جي سياست بلڪل سمجهه ۾ نٿي اچي جمهوريت آهي پر ايئن لڳي ٿو ڄڻ جمهوريت نه هجي جيڪي فيصلا ٿي رهيا آهن اهي به اوچتو ٿي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سمورن ضلعن ۾ ترقياتي ڪم ٿيڻ گهرجن ۽ ٿي به رهيا آهن پوري ضلعي جو تفصيلي دورو ڪري ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺندس. ايم اين اي شگفته جماڻي پيپلز پارٽي جي پراڻي ڪارڪن آهي ان کي بطور چيئرمين پيٽروليم سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽي مقرر ڪرڻ خوشي جي ڳالهه آهي سٺو آهي جو پيپلز پارٽي پنهنجي پراڻي ڪارڪنن کي اهميت ڏئي رهي آهي جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين ته سموري ضلعي جي لاءِ سٺو ٿيندو. مخدوم جميل الزمان چيو ته نواز شريف جي صحتيابي جي لاءِ دعاگو آهيون ان ۾ ڍيل يا ڊيل جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن. هڪ سوال تي مخدوم جميل الزمان چيو ته سڄي سنڌ ۾ ادبي سرگرميون گهٽ محسوس ٿي رهيون آهن اديبن کي لکڻ گهرجي ۽ ادبي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ گهرجي مخدوم طالب الموليٰ جي ورسي جي موقعي تي چيئرمين سروري جماعت مخدوم سعيد الزمان کي سروري جماعت جي گڏجاڻي گهرائڻ جي لاءِ چيو آهي مخدوم طالب الموليٰ ٽيچينگ اسپتال ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جي حوالي سان تمام جلد تفصيلي طور تي ميڊيا کي آگاه ڪنداسين اسان کي پنهنجي چونڊ علائقي مٽياري جي عوام سميت سڄي سنڌ جي خدمت ڪرڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو