لاشاري برادري جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

لاشاري برادري جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

نوشھرو فيروز ( ن سنڌيار)دريا خان مري ۾ لاشاري برادري جي ماڻھن غلام رسول لاشاري منظور ۽ اڪرم لاشاري ننڍن ٻارڙن ۽ عورتن سان گڏ پنھنجي ئي برادري جي ماڻھن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ڪھڪاٽ ۾ غلام رسول لاشاري منظور ۽ اڪرم لاشاري نٽھڻ اس ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ صاحب خان لاشاري علي گوھر غلام مصطفا دلاور ۽ ساجد لاشاري جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو صحافين آڏو ھنن داھيندي چيو ته بااثر جوابدار ھٿيارن جي زور تي اسان جي گھر ۾ گھڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدص پئمال ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري گھر جو الھ تلھ ٻھاري ۽ چوپايو مال ڪاھي ويا ھنن چيو ته ھو ڏوھاري قسم جا ماڻھون آھن ڪراچي گڏاپ پوليس ڦر دوران ھنن جا ماڻھون گرفتار ڪيا آهن جيڪي ڏوھاري ھئا انھن جو الزام ھي اسان ته ڏيندي اسان جو ھتي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي دريا خان مري پوليس جوبدارن سان ٻٽ بڻيل آھي انھن خلاف ڪا به ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي زندگين کي خطرو آھي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو