دبئي جي شيخ تي ڌيئرن کي اغوا ۽ زال کي ڌمڪائڻ جو الزام ثابت

دبئي جي شيخ تي ڌيئرن کي اغوا ۽ زال کي ڌمڪائڻ جو الزام ثابت

لنڊن (ويب ڊيسڪ) دبئي جي ارب پتي حڪمران شيخ راشد المڪتوم تي لنڊن جي هاءِ ڪورٽ ۾ سندس گهرواري حيا بنت الحسين پاران اغوا، مرضي جي خلاف واپس ڪرڻ، تشدد ۽ ڌمڪائڻ جا الزام ثابت ٿي ويا هن. اردن جي اڳوڻي بادشاهه شاهه حسين جي نياڻي ۽ موجوده حڪمران جي ڀيڻ حيا جي درخواست عدالت منظور ڪري ڇڏي آهي. 8 مهيا اڳ هي ڪيس شروع ٿيو هو. حيال 2 سال اڳ پنهنجي ٻن نياڻن سميت دبئي مان فرار ٿي لنڊن پهتي هئي ۽ هن دوستن کي ٻڌايو هو ته شيخ راشد کيس مارن جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ سندس حياتي کي خطرو آهي. شيخ راشد برطانيا جي سپريم ڪورٽ ۾ هي فيصلو ڳجهو رکڻ جي درخواست ڪئي هئي جيڪا رد ڪندي عوامي مفاد ۾ عدالت ڪيس شايع ڪرڻ جي اجازت ڏني. عدالت شيخ راشد بابت فيصلي ۾ لکيو آهي ته هن عدالت ۾ پورو سچ نه ڳالهايو هو. هن ڪيس جو سوشل ميڊيا تي به چرچو آهي.

https://twitter.com/AliTahmizian/status/1235638720595886080

شيخه شمسه سن 2000 ۾ سري ۾ پنهنجي گهران فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ڪيمرج جي علائقي مان شيخ جي ايجنٽن کيس پڪڙي بيهوش ڪري دبئي پڄايو هو. جتي سندس والده موجب کيس نجي قيد خاني ۾ رکيو ويو هو. برطانوي پوليس کي هن سان ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي. شيخه لطيفه کي به 2002 ۽ 2018 ۾ فرار ٿيڻ بعد شيخ جي ڪارندن گرفتار ڪري گهر ۾ قيد ڪيو هو. 2002 ۾ فرار ٿيڻ تي گرفتار ڪري 3 سالن لاءِ قيد ڪيو ويو هو. جنهن بعد هن جي فٽنس يا جِم ٽيچر جيڪا آمريڪي شهري هئي ان ۽ فرانس جي جاسوس جي مدد سان 2017 ۾ ٻيڙي ۾  فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته انڊيا جي علائقي گوا جي سامونڊي سرحد لڳ شيخ جي ايجنٽن شيخه لطيفه، فرانسيسي جاسوس ۽ آمريڪي جم ٽيچر کي قيد ڪري دبئي آندو ويو هو. جنهن جي ڪجهه عرصي بعد جاسوس ۽ ٽيچر کي آزاد ڪيو ويو هو پر لطيفه قيد هئي. جنهن بعد خبر ناهي ته هوءَ ۽ سندس ڀيڻ شيخه شمسه ڪٿي آهن آيا زندهه به آهن يا نه. البته شيخه لطيفه جو ويڊيو بيان لنڊن جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن بعد جج چيو هو ته ٻنهي عورتن جي آزادي سلب ڪئي وئي آهي. 45

ساله حيا جي 70 سالا شيخ راشد سان 2004 ۾ شادي ٿي هئي جيڪا هن جي ڇهين ۽ سڀ کان ننڍي گهرواري هئي. جنهن مان 7 ۽ 11 سالن ڌيءَ ۽ پٽ اٿس. اغوا ٿيل سندس ٻئي نياڻيون حيا مان ناهن پر هوءَ سند ماٽيلي ماءُ آهي. حيا عدالت کي ٻڌايو ته ٻه ڀيرا سندس وهاڻي هيٺان پسٽل مليو ۽ هڪ ڀيري سندس گهر هيليڪاپٽر لينڊ ڪيو جنهن ۾ آيل ماڻهن چيو ته توکي صحرا ۾ قيد ڪيو ويندو. شهزادي حيا ۽ شيخ راشد المڪتوم گھوڙي سواري جا شوقين آهن. انساني حقن جي تنظيمن عدالتي فيصلي کي ساراهيو آهي. حيا گهڻو وقت لنڊن ۾ گذاريو آهي ۽ هن تعليم به اتان ئي حاصل ڪئي هئي. هن جا برطانوي شاهي خاندان سان به ڪافي قريبي لاڳاپا آهن. اهي به خبرون آيون هيون ته شهزادي حيا 3 ڪروڙ پائونڊ کڻي فرار ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو