حيدرآباد(ن س) نامور ٽي وي ۽ ريڊيو اينڪر، اردو ڳالھائيندڙ سياسي سماجي شخصيت دانش مھدي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سان ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. قاسم آباد جي المصطفي پرنس ٽائونس ۾ پارٽي جي مرڪزي آفيس تي ملاقات دوران اياز لطيف پليجي دانش مھدي کي ڀليڪار ڪندي چيو تہ اردو ۽ سنڌي ڳالھائيندڙ ڀائرن آھن. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي پندرهن سالن جي اقتدار دوران سنڌ جا سمورا ادارا تباھ برباد ڪري ڇڏيا آھن. سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي ڊي اي جي آھي، اليڪشن ۾ عوام زرداري ليگ جي ڪرپٽ نمائندن کي ناڪام ڪري ڇڏيندو. پ پ سنڌ جي وسيلن کي وڪڻي شاھوڪار سنڌ کي ڪرپشن ذريعي لٽيو، ڪوڙي آدمشماري جي نالي ۾ سنڌ جي وحدت تي وار ڪرايو. پيپلز پارٽي ۽ زرداري ٽولي کي پاڪستان، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪا بہ دلچسپي، محبت ڪونهي ھي دلال ۽ سوداگر آھن. ملڪ، سنڌ ۽ سنڌي قوم کي گروي ۽ وڪڻي ٻيھر اقتدار حاصل ڪرڻ چاھين ٿا. سنڌ جي ماڻھن گھرجي تہ ھاڻي وقت اچي ويو آهي 8 فيبروري تي پنهنجي ووٽ ذريعي ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ ۽ ملڪ کي ڪرپشن ذريعي تباھ ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي کي شڪست ڏئي ملڪ ۽ سنڌ جي تباهي جو حساب وٺي سنڌ دوست حقيقي ترقي پسند، جمھوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن ماڻهن کي اسيمبلي ۾ پھچائن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري سنڌ جو ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪراچي سميت وڏن شھرن جون زمينون، ٻيٽ، ڪارونجھر، پاڻي ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي ڇڏيا. پيپلز پارٽي 15 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو.










