خوفناڪ حادثو، پي پي اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 4 ڄڻا فوت

ﮐﭙﺮﻭ(ن س) ﻣﻴﺮﭘﻮﺭﺧﺎﺹ کپرو روڊ ﺗﻲ ﻫﻨڱوﺭﻧﻮ ﺍﺳٽاﭖ ﻭٽ ﻭﻳﮕﻮ گاڏي ﺑﻴٺل ٽرڪ ﺳﺎﻥ ٽڪرﺍﺋﺠﻲ ﻭﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﭖ ﭖ ﺍڳوﺍڻ ﻣﺤﻤﺪ ﻭﺳﻴﻢ ﻗﺎﺋﻢ ﺧﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﻧﻨڍﻭ ڀاءُ ﺿﻴﺎ ﻋﺮﻑ ﺑﺎﺑﻮ ﻗﺎﺋﻢ ﺧﺎﻧﻲ، ﺳﻨﺪﺱ ﺩﻭﺳﺖ ﺭﺍﺋﻮ ﻓﻴﻀﺎﻥ ۽ ٻه ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ﻣﻮﻗﻌﻲ ﺗﻲ ﻓﻮﺕ ٿي ﻭﻳﺎ. ﻓﻮﺗﻴﻦ ﺟﺎ ﻣڙهه ﮐڻاﺋﻲ ﺗﻌﻠﻘﻪ ﺍﺳﭙﺘﺎﻝ ﺁﻧﺪﺍ ﻭﻳﺎ ﺟتي ﺿﺮﻭﺭﻱ ڪاﺭﻭﺍﺋﻲ ﺑﻌﺪ ﻣڙهه ﻭﺍﺭﺛﻦ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪيا ﻭﻳﺎ. ٻڌﺍﻳﻮ ﭘﻴﻮ ﻭڃي ته ﺿﻴﺎ ﺟو ﺩﻭﺳﺖ ﻓﻴﻀﺎﻥ ۽ ﺳﻨﺪﺱ ﻓﻴﻤﻠﻲ ٿر ﮔﻬﻤڻ ﻻ ﺁﻳﺎ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﺭﻭڊ ﺣﺎﺩﺛﻮ ﭘﻴﺶ ﺁﻳﻮ. ٻئي ﭘﺎﺳﻲ ﭖ ﭖ ﺍﻳﻢ ﺍﻳﻦ  ﺍﻱ  ﺷﺎﺯﻳﻪ ﻣﺮﻱ ﺳﻴﻨيٽر ﻗﺮﺕ ﺍﻟﻌﻴﻦ ﻣﺮﻱ ﺳﻴﺪﺭﻳﺎﺽ ﺣﺴﻴﻦ ﺷﺎﻩ ﺧﺮﺍﺳﺎﻧﻲ ﻋﻠﻲ ﺣﺴﻦ ﻫﻨڱوﺭﺟﻮ ﻋﻤﺮ ﮔﻞ ﻫﻨڱوﺭﺟﻮ ﺍﻣﺘﻴﺎﺯ ﺣﺴﻦ ﺩﺭﺱ ﻣﺤﻤﺪ ﻭﺳﻴﻢ ﻗﺎﺋﻢ ﺧﺎﻧﻲ ﺟﻲ ڀاءُ ﺿﻴﺎ ﻗﺎﺋﻢ ﺧﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﺭﻭڊ ۾ ﻓﻮﺕ ٿيڻ ﺗﻲ ﺩﻟﻲ ڏﮎ ﺟﻮ ﺍﻇﻬﺎﺭڪيو ﺁﻫﻲ.

پهنجو تبصرو موڪليو