خورشيد شاهه اسپتال مان فارغ، سينٽرل جيل منتقل

سکر)بيورو رپورٽ)پي پي اڳواڻ سيد خورشيد شاھ کي دل جي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي فٽ قرار ڏئي فارغ ڪري ڇڏيو جنهن بعد کيس سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو. خورشيد شاهه ٻن سالن کان نيب جي حراست ۾ آهي. هن خلاف نيب آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ وارو ڪيس داخل ڪيو هو. خورشيد شاھ کي ٻه سال اڳ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو. جيل ۾ دل جي تڪليف بعد کيس اين آئي سي وي ڊي اسپتال ۾ رکيو ويو هو. سنڌهاء ڪورٽ خورشيد شاھ جي ضمانت رد ڪئي هئي. کيس جيل موڪلڻ لاء تحريڪ انصاف جي اڳواڻ طاھر شاھ به سنڌ ھائي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ھئي جيڪا سماعت هيٺ آهي. خورشيد شاھ جو وڏو پٽ ايم پي اي سيد فرخ شاھ پهريان ئي جيل ۾ آھي. نيب پاران پھريان سيد خورشيد شاھ ۽ سندس گهرڀاتين خلاف ھڪ ارب 23 ڪروڙ رپين جو ريفرنس داخل ڪيو ھو  پر ڪجهه ڏينهن اڳ ھڪ ارب 38 ڪروڙ رپين جو ضمني ريفرنس پڻ داخل ڪرايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو