خود غرض حڪمرانن عوام کي مافيا غوالي ڪيو آهي، شيخ

خود غرض حڪمرانن عوام کي مافيا غوالي ڪيو آهي، شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ کنڊ کان پوءِ اٽي جي قيمتن ۾ تيزي سان واڌ کي حڪومتي نااهلي قرار ڏيندي چيو آھي ته خود غرض حڪمرانن عوام کي اٽو کنڊ مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. اٽي ۽ کنڊ مافيا کي قانون جي پنجوڙ ۾ آندو وڃي ۽ کنڊ سميت عام واھپي وارين شين جي قيمتن کي عام ماڻهو جي پهچ تائين يقيني بڻايو وڃي. هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته ڪراچي جا شهري هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، پر ماڻهن کي غيرقانوني منافع خورن کان بچائڻ ۽ پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪو به ناهي.ٻوڏ جي صورتحال کي بهانو بڻائي سنڌ ۾ ڀاڄين جي قيمتن ۾ پڻ واڌ ڪري غريبن ماڻھن جي مشڪلاتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. چونڊ مھم دوران عوام کي سبز باغ ڏيکاريندڙ توڙي اٽو سستو ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪپڙا وڪڻڻ جي دعويٰ ڪندڙ ظالم حڪمرانن ماڻهن جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هي مافيا پهريان هارين کان ڪڻڪ خريد ڪري ٿي ۽ پوءِ ان کي ذخيرو ڪري ٿي ۽ مصنوعي بحران پيدا ڪري من ماني قيمتون مقرر ڪري ٿي. عام ماڻهو ان کان سڌو متاثر ٿئي ٿو. ويهه رپين جي واڌ سان چڪي واري اٽي جي قيمت هاڻي 120 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي ۽ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي هاڻي 2400 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. هن وقت ڪڻڪ جي هڪ ٻوري ست هزار کان وڌي نو هزار جي لڳ ڀڳ ٿي وئي آهي، جڏهن ته هاري 2200 رپيا في 40 ڪلو جي حساب سان ڪڻڪ وڪرو ڪئي ۽ هاڻي نقصان ۾ آهن. جيڪو فائدو هارين تائين پهچڻ گهرجي ها اهو هاڻي وچ وارا واپاري ۽ ذخيره اندوزي مافيا غير قانوني منافعو ڪمائي رهي آهي. اٽي جي قيمت ۾ واڌ جي ڪري، ماني ۽ بيڪري جي شين جي قيمتن ۾ به واڌ جو امڪان آهي. خاموش تماشائي بڻجڻ بدران، سنڌ حڪومت کي بهتر مارڪيٽ نگراني ذريعي ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ گهرجي، ذخيره اندوزي ۽ اجارداري خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪمران عوام جا مسئلا نه ڏسي رهيا آهن، ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي پنهنجي سرڪاري شمارياتي اداري جي رپورٽن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيڪا هر هفتي عوام کي وڌندڙ مهانگائي جي “خوشخبري” ٻڌائي رهيو آهي!

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو