خودڪشي، ڪچو شراب پيئڻ ۽ وهنجدي ٻڏڻ جي ٽن واقعن ۾ 4 فوت

ڪراچي(نمائندن وٽان) ڀريا سٽي ۾ غربت سبب ڪارو پٿر پي خودڪشي ڪندڙ ماءَ بعد سندس ڌيءَ به فوت ٿي وئي، شهداد ڪوٽ لڳ ٻارڙي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ڪچو شراب پيئندڙ درزي فوت ٿي ويو. تفصيل موجب ڀرياسٽي مان مجيد ڪيريو مطابق فتح پور محلا واسي پورهيت جي گهر ۾ غربت سبب تنگ ٿي مسمات شبانه زال منتصر بولا پنجابي پاڻ ۽ پنهنجي 6 سالن جي نياڻي کي زهر پياري خودڪشي ڪئي هئي. شبانه گذريل ڏينهن نوشهروفيروز اسپتال نيئندي فوت ٿي وئي هئي. جڏهن ته سندس 6 ساله نياڻي کي نوابشاهه موڪليو ويو هو اها به اڄ فوت ٿي وئي. شبانه جي والد عبدالستار ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس نياڻي گهرو اڻبڻت ۽ غربت سبب اهو قدم کنيو. مسمات شبانه جو مڙس منتصر بولا پنجابي رڪشو هلائيندو هو. هڪ ئي گهر ۾ ٻه لاش اچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ايس ايڇ او ڀرياروڊ حبيب الرحمان لاشاري ٻڌايو ته ماءُ ڌي جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي.*** شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ موجب راند کيڏندي پاڻي جي تلاء ۾ ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام شهدادڪوٽ ڀرسان بلوچستان جي علائقي باغ ٽيل ويجهو ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ راند کيڏيندي 10 ورهين جي نينگري ريحانه ولد عبدالستار مگسي گهر اڳيان بيٺل پاڻي جي تلاء ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي.

جنهن کي وارث کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ هي تصديق ڪئي وئي ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي وارث هنجون هاريندا رهيا اوچتو لاش گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو. **** ٽنڊومحمدخان مان لال بخش سٺيو موجب شھر جهنگ تيار ۾ 30سالا نوجوان درزڪو ڪم ڪندڙ رائيمل پٽ ڌنون ميگهواڙ ڪچو شراب پئيڻ سبب فوت ٿي ويو. هو هڪ هفتي کان حيدرآباد جي اسپتال ۾ ڪوما ۾ هو ۽ اڄ فوت ٿي ويو.

مرحوم  ٽن پٽن ۽ٻن نياڻين جو پيءُ هو کيس ڳوٺ ۾ دفنايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو