خواهش هئي ته صدر، ڪمشنر  سان گڏجي چونڊن لاءِ تاريخ ڏيون ها:گورنر

خواهش هئي ته صدر، ڪمشنر سان گڏجي چونڊن لاءِ تاريخ ڏيون ها:گورنر

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي جو چوڻ آهي ته صدر پاڻ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي، خواهش هئي ته صدر، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ مان متفقه تاريخ ڏينداسين. هڪ بيان ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته منهنجي خواهش هئي ته صدر، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ مان متفقه تاريخ ڏينداسين. خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته صدر عارف علوي سان به رابطو ڪيو آهي، صدر پاڻ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته انتظام ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، تجويز ڪيل تاريخ ڏيندس، جيڪا به تاريخ ملندي ان تي عدالتي فيصلي جي روشني ۾ اليڪشن ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو پرنسپل سيڪريٽري کي خط 8 وڳي مليو، سيڪريٽري موڪل تي آهي، هو سومر تي اچي پاڻ خط کوليندو.

پهنجو تبصرو موڪليو