خواجه آصف منهنجي نانا جو نالو وٺي غير پارلياماني لفظ چيا: عمر ايوب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان جو چوڻ آهي ته خواجا آصف ڪالهه منهنجي ناني جو نالو ورتو ۽ غير پارلياماني لفظ به ڳالهايو.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان چيو ته خواجا آصف ڪالهه ذاتي ڳالهه ڪئي.چون ٿا ته صدر ايوب خان تاريخ جو حصو آهي، مارشل لا اسڪندر مرزا لڳايو هو.مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان چيو آهي ته عوام جي ووٽن سان ايوان ۾ آيو آهيان، خواجه آصف کي ريحانه ڊار هارايو آهي.سندس اهو به چوڻ آهي ته خواجا آصف فارم 47 کٽي چڪو آهي، هو ريحانه ڊار خلاف هارائڻ سان ڇرڪي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو