خضدار ۾ قومي شاهراهه تي ڌماڪو، صحافي فوت، 6 زخمي

خضدار (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ قومي شاهراهه تي سلطان ابراهيم روڊ تي ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب ڌماڪي ۾ گاڏي تباهه ٿي وئي، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ مقامي صحافي محمد صديق مينگل مارجي ويو آهي. هو خضدار پريس ڪلب جو صدر ۽ هڪ مقامي اخبار سان لاڳاپيل رهيو. ايس ايڇ او سٽي موجب محمد صديق مينگل پنهنجي گهر کان يونيورسٽي وڃي رهيو هو.واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو