خرچ ۽ نقصان وڌڻ سبب گيس فراهم ڪندڙ ڪمپنين پاران 145 سيڪڙو اگهه وڌائڻ جي درخواست

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ گيس فراهم ڪندڙ ڪمپنين 145 سيڪڙو گيس جا اگهه وڌائڻ لاءِ حڪومت کي نظرثاني جون درخواست ڏئي ڇڏيون آهن. سئي ناردرن ۽ سئي سدرن گيس ڪمپنين ايڏي وڏي پيماني تي هڪدم اگهه وڌائڻ واري درخواست ۾ چيو آهي ته خرچ ۽ لائن لاسز وڌي وڃڻ ڪري نقصان برداشت کان ٻاهر آهي. ٻنهي ڪمپنين تيل ۽ گيس جي ريگوليٽري اختياري يعني “اوگرا” کي ڌار ڌار ڏنل درخواستن ۾ چيو آهي ته پهرين جولاءِ کان سروع ٿيندڙ نئين مالي سال کان وڌايل اگهه لاڳو ڪيا وڃن. ٻنهي ڪمپنين درخواست ۾ تجويز ڪيو آهي ته نوان اگهه گهريلو،تجارتي، صنعتي ۽ پاور صارفين سميت سڀني لاءِ آهن. اوگرا 19 مارچ تي درخواستن جي وصول ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخوا کي گيس فراهم ڪندڙ ڪمپني سئي ناردرن مختلف سبب ڄاڻائيندي اگهه 733 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو(ميٽرڪ ملين برٽش ٿرمل يونٽ) مان وڌائي 1224 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. هن ڪمپني جو چوڻ آهي ته جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان کي گيس فراهم ڪندڙ ڪمپني سوئي سدرن 591 مان اگهه وڌائي 698 ڪرڻ جي تجوز ڏني آهي. ايڏي وڏي پيماني تي گيس جا اگهه وڌڻ سبب عوامتي وڏو ٻوجهه پوندو ۽ حڪومت خلاف اپوزيشن کي تحريڪ هلائڻ لاءِ ڄڻ وڏو سبب پڻ ملي ويندو. موجوده حڪومت کان عوام اڳ ۾ ئي مهانگائي تي ڪنٽرول ۾ ناڪامي تي ناراض آهي. ياد رهي ته موجوده پهريائين، آڪٽوبر 2018 ۾ گيس جي اگهن ۾ 35 سيڪڙو واڌ ڪري چڪي آهي ۽ عوام اڃا ان صدمي مان ئي ناهي نڪتو ته مٿان ڪمپنين وري اگهه وڌائڻ جون درخواستون ڏنيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو