اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ميمبر ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کان سوال ڪيو ته توهان جو پاور آف اٽارني ڪٿي آهي؟ وڪيل بئريسٽر گوهر چيو ته جوابدار جيل ۾ آهن، کين خميس کانسواءِ ملاقات جي اجازت ناهي، ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائيندس.هن چيو ته اهڙي ڪيس جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪري چڪو آهي.










