خان هڪ ڀيرو ٻيهر ثبوتن کانسواءِ آمريڪا تي الزام هنيا: تارڙ

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ڪالهه ٻيهر آمريڪا تي بنا ثبوتن جا الزام هنيا.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪڏهن چون ٿا ته آمريڪا حڪومت ڪيرائي، ڪڏهن چوندا آهن ته محسن نقوي حڪومت ڪيرائي، ذهني توازن ٺيڪ ناهي، نواز شريف خلاف فتوا جاري ڪيا ويا.عطاءُ الله تارڙ جو چوڻ آهي ته هو چئي رهيو آهي ته 9 مئي جا حملا نواز شريف ڪرايا، حسان نيازي نواز شريف جو ڀائٽيو آهي؟ شرم ۾ غرق ڪريو، جيل وڃڻ باوجود ڪوڙ ڳالهائڻ بند نه ٿا ڪن، 190 ملين پائونڊ جي ڳالهه ڇو نٿا ڪن. هن چيو ته پي ٽي آءِ پروپيگنڊا مهم ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، هي ماڻهو ايترا ڪوڙ ڳالهائيندا آهن جو سچ سمجهيو ويندو آهي، پي ٽي آءِ جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٺاهيا هئا، پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا مشينري اڇين ماڻهن جي تصوير سان گمراهه ڪري ٿي.هنن چيو ته جعلي اڪائونٽس پي ٽي آءِ جي ايجنڊا کي هٿي وٺرائڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن، اهي اڪائونٽس پي ٽي آءِ جي حق ۾ ۽ ن ليگ جي خلاف پروپيگنڊا ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو