نو شھرو فيروز (ن س ) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ايم اين اي سڪندر راهپوٽو سان گڏ اڄ شهيد بينظير آباد جي علائقي دولت پور صفن ڀرسان ڳوٺ سردار رضا محمد ڏاهري پهتو، جتي هنن ايم پي اي خان محمد ڏاهري جي دستاربندي جي تقريب ادا ڪئي ۽ خان محمد ڏاهري کي مبارڪباد ڏني. ڏاهريءَ جي سرداريءَ کي هٿي ڏيڻ کان پوءِ چيو ته سردار جي حيثيت ۾ خان محمد ڏاهري پنهنجي قبيلي جي رهنمائي ڪندو. ان موقعي تي ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاهه، صوبائي وزير لائنر سعيد غني، ميمبر سنڌ اسيمبلي حاجي علي حسن زرداري، غلام قادر چانڊيو، اڳوڻو صوبائي وزير قانون ضياءُ الحسن لنجار، ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن رشيد احمد زرداري، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد محمد يونس. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد شهريار گل ميمڻ، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي، ٻين برادرين جي سربراهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، پ پ اڳواڻن ۽ ڏاهري برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










