خان سميت پي ٽي آئي اڳواڻن جا ڪاغذ رد، ن ليگ قيادت جا منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي روپوش اڳواڻ اعظم خان سواتي ۽ ذوالفي بخاري جا قومي اسيمبلي جي سيٽن جي لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا آهن.ذوالفي بخاري جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 50 تان رد ٿيا. پي ٽي آءِ اڳواڻ ذوالفي بخاري چيو ته منهنجا نامزدگي ڪاغذ ڪوڙي صحيح جو اعتراض لڳائي رد ڪيا ويا. منهنجي وڪيلن، تجويز ۽ تائيد ڪندڙن سميت 6 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي.مانسهره مان قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 15 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جا نامزدگي ڪاغذ به ريٽرننگ آفيسر رد ڪري ڇڏيا. اعظم خان سواتي اين اي 15 مانسهره تان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي مقابلي ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.اعظم سواتي جي وڪيل سهيل سواتي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اعظم خان سواتي جي نامزدگي ڪاغذن کي ڪوڙي صحيح ۽ اشتهاري هجڻ جي آڌار تي رد ڪيا ويو. ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪنداسين.نوازشريف جي وڪيل جهانگير جدون چيو ته اعظم سواتي جي نامزدگي ڪاغذن جي رد ٿيڻ جو فيصلو ميرٽ تي ٿيو. چونڊ وڙهندڙ اميدوار جو ملڪ ۾ هجڻ ضروري آهي. اسان ايستائين چيو ته اعظم سواتي حاضر ٿي وڃي، اعتراض واپس وٺي ڇڏينداسين.ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جا نامزدگي ڪاغذ لاهور ۽ سرگودها جي سمورن تڪن تان منظور ڪيا ويا. مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي لاهور مان 3 تڪن پي پي 159، پي پي 160 ۽ پي پي 165 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. جڏهن ته مريم نواز پنجاب اسيمبلي ۾ سرگودها جي هڪ تڪ پي پي 80 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.مريم نواز جي ترجمان چيو ته پارٽي جن تڪن تان فيصلو ڪندي مريم نواز اتان کان چونڊن ۾ حصو وٺندي. هوڏانهن سيالڪوٽ کان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 70 تان عثمان ڊار جي والده ريحانه ڊار ۽ عمر ڊار جي گهر واري اروبا ڊار جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن… شاهه محمود قريشي سميت وڌيڪ 3 اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن جي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.اين اي 214 تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ سندس پٽ زين الدين قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. اين اي 214 تي ٻنهي ريٽرننگ آفيسرن نامزدگي فارم مختلف ڪيسز ۾ پيش نه ٿيڻ سبب رد ڪيا.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردار حسنين بهادر خان دريشڪ جا به تڪ 294 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. سردار حسنين بهادر تي ايف آءِ آر داخل هجڻ سبب سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وفاقي وزير علي محمد خان جا به نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. علي محمد خان اين اي 23 تي چونڊ وڙهڻ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو