خالد مقبول ۽ ٻيا لسانيت جو زهر ڦهلائڻ جي ڪوشش نه ڪن: مهدي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينٽر وقار مهدي ايم ڪيو ايم جي پريس ڪانفرنس تي رد ڏيندي چيو آهي ته خالد مقبول صديقي، فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال لسانيت ڦهلائڻ جي ڪوشش نه ڪن. پنهنجي بيان ۾ سينيٽر وقار مهدي چيو ته ن ليگ سان ملڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم وارن جي زبان ڇو بگڙجي وڃي ٿي، هن چيو ته سنڌ پيار، محبت ۽ امن جي ڌرتي آهي، ايم ڪيو ايم نفرت ۽ تحصب واري سياست کي ٻيهر زندهه ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم نفرت ۽ تحصب واري سياست شروع ڪري ڪراچي ۾ چونڊون کٽي نه ٿي سگهي، ايم ڪيو ايم جو ماضي ڪراچي لاءِ هميشه داغدار ئي رهندو. هن چيو ته ڪراچي جي عوام ۽ شهر سان ظلم ۽ زيادتي ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي عوام کي بيوقوف نه ٿي بڻائي سگهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم اڄ تائين پنهنجي ڪنهن چونڊ منشور تي عمل ناهي ڪيو. ايم ڪيو ايم جو منشور عوام کي وڏا خواب ڏيکارڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو