سڀني کي آئين جي حدن ۾ رهڻو پوندو، عباسي پاران نئين پارٽي جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل عوام پاڪستان پارٽي جي نالي سان نئي پارٽي ٺاهي ورتي آهي.نئين پارٽي جي حوالي سان اسلام آباد ۾ تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، ڪي پي ڪي جو اڳوڻو گورنر سردار مهتاب عباسي، صحت بابت اڳوڻو وفاقي وزير ڊاڪٽر ظفر مرزا، پنجاب جو اڳوڻو صوبائي وزير زعيم قادري ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.نئين سياسي پارٽي عوام پاڪستان پارٽي جو نعرو(تبديل ڪنداسين نظام) رکيو ويو آهي. پارٽي جي جهنڊي جو رنگ سائو ۽ بلو رکيو ويو جنهن ۾ پارٽي جو نالو اڇي رنگ سان لکيو ويو آهي.ان حوالي سان آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبر فاطمه عاطف ٻڌايو ته پارٽي جون انٽرا پارٽي چونڊون 19 جون تي ٿيون، شاهد خاقان عباسي کي پارٽي جو ڪنوينر جڏهن ته مفتاح اسماعيل کي سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو