اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو، جتي هن مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي،ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون،ترجمان موجب اڳواڻن مهانگائي ۽ بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته بجيٽ عوامي نه پر آءِ ايم ايف جي هدايتن مطابق آهي،2024ع جي جعلي اليڪشن کي تسليم ناهي ڪيو ويو،ملاقات ۾ جي يو آءِ جو مرڪزي ترجمان اسلم غوري به موجود هو










