ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي تڪ اين اي 237 تان حڪيم بلوچ جي ڪاميابي کي چئلينج ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست ڊاڪٽر شهاب امام ايڊووڪيٽ ذريعي داخل ڪئي وئي آهي.پي ٽي آءِ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اين اي 237 ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، پ پ جي ڪارڪنن جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا.درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ڌانڌلي جون شڪايتون ڪيون ويون آهن، دھاندلي ۽ ٻين شڪايتن جي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو وڃي.پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، سنڌ حڪومت ۽ حڪيم بلوچ کي ڌر بڻايو ويو آهي.










