حڪومت 8487 ارب روپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي دور جي ٽئين بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير شوڪت ترين جمعي تي قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن جي شور شرابي ۽ هنگامي دوران 8487 ارب روپين جي بجيٽ پيش ڪئي. جنهن ۾ دفاعي خرچن جو ڪاٿو 1370 ارب روپيا لڳايو ويو آهي. پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مالي سال 2021-22 لاءِ پيش ڪيل بجيٽ ۾ ٽوٽل آمدن جو اٿو 7909 ارب رپين جو لڳايو ويو آهي جنهن ۾ 5829 ارب ٽيڪس آمدن ۽ نان ٽيڪس روينيو جو ڪاٿو 2080 ارب روپيا لڳايو ويو آهي. قرضن جي واپسي لاءِ 3060 ارب روپيا ۽ ترقياتي بجيٽ لاءِ 900 ارب روپيا رکيا ويا آهن. ڪووڊ ۽ آءِ ايم ايف جي پابندين باوجود حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اهم اعلان ڪيا آهن. پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، ننڍين گاڏين ۽ موبائيل فون سيٽ تي ڊيوٽي گهٽ ڪرڻ، پيٽروليم ليوي ۽ انٽرنيٽ، ايس ايم ايس تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير جي تقرير ۾ ان جو اعلان ڪيو ويو پر بعد ۾ توانائي واري وزير حماد اظهر وضاحت ڪندي چيو آهي ته انٽر نيٽ جي استعمال تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز واپس ورتي ويندي. زراعت جي ترقي لاءِ ننڍن کاتيدارن کي اڍائي ڏيڍ لک ۽ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ هر گهراڻي کي 5 لک روپيا بنا وياج قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس 15 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 12.5 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ننڍا ڪاروبار ڪندڙ عورتن کي رعايت ڏيڻ ۽ سڀني شهرين کي هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. حڪومت 682 ارب روپين جي سبسڊي جو اعلان ڪيو آهي جيڪو هلندڙ سال جي سبسڊي جي ڀيٽ ۾ 226 سيڪڙو وڌيڪ آهي. صوبن جو حصو 2700 ارب مان وڌائي 3400 ارب ڪيو ويو آهي، ٽنهي صوبن جي ڀيٽ ۾ اڪيلي پنجاب جو حصو  سندن برابر آهي. حڪومت ٽيڪس جي ادائگي لاءِ ازخود اندازو لڳائي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي اسڪيم بحال ڪئي آهي، جيڪا مشرف دور ۾ شروع ڪئي وئي هئي. گهٽ ٽيڪس لڳائڻ تي نوٽيس جاري ڪري ٽيڪس ادا ڪندڙن کي تنگ ڪرڻ وارا ايف بي آر جا اختيار محدود ڪيا ويا آهن، ضرورت پوڻ تي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي ويندي انڪم ٽيڪس آفيسرن جا صوابديدي اختيار ختم ڪيا ويندا. ناڻي واري وزير چيو ته اينڊر 6 مهينن تائين ڪووڊ سان لاڳاپيل طبي اوزارن تي ٽيڪس جي ڇوٽ هوندي، 100 ارب روپيا ڪووڊ لاءِ رکيا ويا آهن. حڪومتي اعلانن مان لڳي ٿو زراعت کان صنعت تائين سڀني شعبن کي بظاهر رليف ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو